جئه هند ڪاليج سنڌي سرڪل بمبئي

جئه هند ڪاليج سنڌي سرڪل، بمبئي: 1952ع کان بمبئي ۾ قائم ٿيل هن سرڪل جو بانيڪار پروفيسر رام پنجواڻي هو، جنهن پنهنجا مشهور سنڌي ناٽڪ ’مومل راڻو‘، ’پکي ۾ پدمڻي‘ (عمر مارئي) ’راءِ ڏياچ‘، ’نوري ڄام تماچي‘ وغيره پيش ڪيا. ان کان سواءِ هن سرڪل انٽر ڪاليجئيٽ ناٽڪ چٽاڀيٽين ۾: شل چور اچن، مائٽي، چڪر وغيره ناٽڪ به پيش ڪيا. هن ۾ حصو وٺندڙ مشهور اداڪار نرملا مير چنداڻي ۽ موهن بيلاڻي هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو